ڄام محمد ايوب عالياڻي

ڄام محمد ايوب عالياڻي

ڄام محمد ايوب عالياڻي

ڄام محمد ايوب عالياڻي: ڪراچيءَ جي ادبي، سماجي ۽ ثقافتي محفلن جو مور، سنڌي، اردو، فارسي ۽ انگريزيءَ جو شاعر، ڄام مير محمد ايوب جو لاڳاپو، لسٻيلي (بلوچستان) جي عالياڻي ڄامن سان هو. هن جو والد ڄام مير خان عالياڻي، لسٻيلي رياست جو ڪيترا سال حاڪم رهيو. ڄام ايوب عالياڻي، 8 جنوري 1881ع ۾، ٻيلي (لسٻيلي، بلوچستان) جي شهر ۾ ڄائو. اڃا 15 ڏينهن جو هو ته سندس والده بيبي روشن وفات ڪري وئي. بعد ۾ سندس پيءُ، بيبي روشن جي ڀيڻ ۽ پنهنجي ساليءَ بيبي آغا مرتضيٰ بيگم سان شادي ڪئي. ڄام ايوب خان اڃا ستن سالن جو هو ته سندس والد ڄام مير خان به وفات ڪري ويو ۽ بيبي آغا بيگم، مير ايوب خان، مير مقبول ۽ پنهنجين ڌيئرن سان گڏ ڪراچيءَ ۾ اچي رهي ۽ پوءِ هميشه لاءِ ڪراچيءَ جا ٿي ويا. مير ايوب خان کي مير مقبول خان کان سواءِ پنهنجي والده مان ٻه ٻيا ڀائر مير يعقوب خان ۽ مير غلام علي خان هئا. مير ايوب خان جي والده پنهنجن ٻنهي پٽن جي تعليم تي خاص ڌيان ڏنو. سنڌ مدرسي مان ميترڪ جو امتحان پاس ڪري ڄام مير ايوب خان، لاهور جي ايچي سن ڪاليج ۾ داخلا ورتي. هن ڪاليج واري زندگيءَ ۾ ئي ادبي سرگرمين سبب ڪيترا انعام حاصل ڪيا. 1900ع ۾ مئڪورٽ ينگ بڪرم ميڊل، هندستان جي وائسراءِ لارڊ ڪرزن کان مليس. 1903ع ۾ بار ايٽ لا ڪرڻ لاءِ انگلنڊ ويو، جتان بئريسٽريءَ جي ڊگري وٺي واپس وطن وريو. 1908ع ۾ سرڪار کيس ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ڪيو، پر سرڪاري نوڪريءَ کي قيد محسوس ڪندي، ڇهن مهينن کان پوءِ استعيفا ڏئي، ڪراچيءَ ۾ وڪالت ڪرڻ شروع ڪيائين. هڪ سال کان پوءِ وڪالت به ڇڏي عوامي خدمت لاءِ ميدان ۾ لٿو. هن سماجي خدمتن جي شروعات ڪراچي ميونسپالٽيءَ مان آڪٽوبر 1910ع ۾ ڪائونسلر چونڊجڻ سان ڪئي ۽ 28 سال لاڳيتو ميونسپالٽيءَ جو ميمبر رهيو. صحت ۽ تعليم کان سواءِ ڪراچيءَ جي ثقافتي ۽ ادبي سرگرمين تي خاص ڌيان ڏنائين. سڄي زندگي قومي ڪارڪن طور ڪراچي واسين جي خدمت ڪيائين. سرڪار کيس ڪيترن ادارن تي نامزد ڪيو ۽ بنا ڪنهن فرق جي فرض نڀائيندو رهيو. جون 1914ع ۾ ڪنگ جارج پنجين جي اجازت سان ايراني ڪائونسل ۾ نائب ڪائونسل مقرر ٿيو ۽ 1927ع تائين انهيءَ عهدي تي رهيو. ان کان سواءِ ڄام ايوب خان ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جو ميمبر ٿيو. 1920ع ۾ لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ رهيو. سنڌ مدرسي بورڊ جو 25 سال ميمبر ۽ ڪجهه وقت صدر به رهيو. سنڌ مدرسي بوائز ائسوسيئيشن جو صدر رهيو. ڪراچي بورڊ ٽرسٽ جو ٽرسٽي ۽ ڪجهه وقت لاءِ وائيس چيئرمئن رهيو. ٻه ڀيرا ڪراچي ميونسپل اسڪول بورڊ جو نائب صدر رهيو. سنڌ ڪاليجئيٽ بورڊ، سول اسپتال ۽ ليڊي ڊفرن اسپتال جو صلاحڪار رهيو. 1922ع ۾ روٽري ڪلب جو صدر چونڊيو ويو. ڪراچي ڪلب جو ميمبر ۽ صدر ۽ مسلم جيمخاني جو ميمبر رهيو. ڪراچي ميونسپالٽيءَ ۾ وار ليگ جو نائب صدر رهيو. فري مشنري لاج هارموني جو پاسٽ ماسٽر ٿيو. لاج ٽيمسرنس ۽ بينپورلنس جو پايو وجهندڙ هو. سنڌ محمدن ائسوسيئيشن جو پنجن سالن تائين اعزازي سيڪريٽري رهيو. سنڌ هلال احمر سوسائٽيءَ جي چيئرمئن جي حيثيت ۾ ترڪن لاءِ چندو ڪري سندن مالي مدد ڪيائين. 1915ع ۾ لوڪلبورڊ ائڪٽ ۾ ترميمن لاءِ بمبئي سرڪار جي ماهرن جي ڪميٽيءَ جو ميمبر رهيو. ڏهه سال ڪراچيءَ جو اعزازي مئجسٽريٽ رهيو. سياست مير ايوب خان جي مزاج ۾ شامل نه هئي. ان ڪري شروع ۾ ڪجهـه عـرصـو سـياسـي طـرح سـرگـرم رهيـو. 1913ع ۾ آل انـڊيـا نئـشـنل ڪـانگـريـس اجـلاس جـي اٺاويـهيـن اجـلاس جـي آڌرڀـاءُ ڪـاميـٽـيءَ جــو ميـمبـر هـو. ڄام ايوب خان سنڌي، اردو، فارسي ۽ انگريزيءَ ۾ شاعري ڪري شهرت ماڻي، پر افسوس جو سندس شاعري گڏ نه ٿي سگهي. ان دور جي رسالن ۽ اخبارن مان سندس شاعري گڏ ڪري سگهجي ٿي. تقرير جو ماهر، مجلسن جو مور، ثقافتي تقريبن جو شان هو. کل مک ۽ زنده دل طبيعت هئڻ ڪري وٽس اديبن ۽ شاعرن جون محفلون متل هونديون هيون. هن جي ڪوششن سان ’انجمن ترقيء اردو‘ جي پهرين شاخ ڪراچيءَ ۾ قائم ٿي، جنهن جو دفتر رام باغ واري علائقي ۾ هو. ڄام صاحب ان جو پهريون صدر چونڊيو. 1924ع کان انجمن باقاعدي سرگرم ٿي. ڄام صاحب جي ڪوششن سان ڪراچيءَ ۾ ڪيترا اردو- سنڌي مشاعرا ٿيا. 1926ع ۾ انجمن ترقيء اردو پاران ڪل سنڌ مشاعرو ڪرايائين. ڄام صاحب جي فارسي ۽ اردو شاعري، ان وقت جي روزاني اخبارن: ’حيات‘ (1928ع)، ’نظام‘ (1929ع)، ’مشرق‘ (1939ع) کان سواءِ ماهوار رسالن: ’پيغام‘، ’زندگي‘، ’ميزان الافڪار‘ ۽ ’تنوير‘ ۾ ڇپجندي رهي. ڄام مير ايوب خان سخي مرد ۽ راڳ جو ڄاڻو هو. سڄي عمر شادي نه ڪيائين، پر زندگي سماجي، ثقافتي ۽ ادبي ڪمن ۾ پوري ڪيائين. سنڌ جي خانداني ڪلچر جي نمائندي، ادبي ۽ سماجي خدمتگار 5 مارچ 1945ع تي وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ جي قديم قبرستان ميوا شاهه ۾ دفن ڪيو ويو. پير علي محمد راشديءَ، مير ايوب خان جي وفات تي لکيو ته: ”هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيائين ته ڄڻ ڪراچيءَ جي ٽوپيءَ جو گل ڪري پيو ۽ ٽوپي ٻُسي ٿي پئي.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو